طارق خشڪ

طارق خشڪ

طارق خشڪ

طارق خشڪ: سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار طارق خشڪ جو جو پورو نالو طارق حسين ولد ڪمال خان خشڪ آهي، سندس جنم 29 آڪٽوبر 1977ع تي شهداد ڪوٽ شهر ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول فيض محمدي شهدادڪوٽ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پرونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان، 1993ع ۾ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ مان، 1995ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪاليج سائيڊ شهدادڪوٽ مان 1999ع ۾ ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1992ع ڌاري ڪئي 2006ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هيءَ سنڌي ادبي سنگت شهدادڪوٽ سان سلهاڙيل آهي. طارق جا ڊراما مختلف ٽي. وي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سندس ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ”مرڪ واري ڇوڪري“ (ڪهاڻيون) 2001ع ۽ ”مون کي هوائن ۾ ڳولجان“ (ناول) 2004ع ۽ ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين“ ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: ” سٽيزن اوارڊ“ 1998ع، ماهوار سنڌ رنگ طرفان بهترين ڪهاڻيڪار اوارڊ، ماهوار هالار طرفان بهترين ڪهاڻيڪار اوارڊ 2001ع قابل ذڪر آهن. سندس ناول کي پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ملي. پاڻ هن وقت شهدادڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ طارق خشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.10.29  عيسوي

طارق خشڪ جو جو پورو نالو طارق حسين ولد ڪمال خان خشڪ آهي، سندس جنم 29 آڪٽوبر 1977ع تي شهداد ڪوٽ شهر ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آريسر پانڌي
پيرل قنبر
سيد غلام حيدر شاهه 2
جان شير خان
صديق سمراٽ
عبدالستار زرگر
مرزا محمد صالح ٺٽوي
هما مير
دسرت راجا
سمو غلام مصطفيٰ مشتاق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون